”يورپي يونين سان رابطو پاڪستان خلاف سازش آهي“ عطا تارڙ جا پي ٽي آءِ تي سنگين الزام

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف طرفان يورپي يونين کي چيو پيو وڃي ته پاڪستان جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس ورتو وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته بلومبرگ ۾ وزيراعظم جي حوالي سان چيو ويو آهي ته کيس عالمي مالياتي ادارن سان ڊيل ڪرڻ جو سٺو تجربو آهي، ڪجهه عنصر پنهنجي سياست خاطر رياست کي نقصان پهچائي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن سياسي مقصدن خاطر نقصان پهچائڻ چاهن ٿا ته اهو سندن خيال آهي، پهريان به آءِ ايم ايف سان ڊيل کي متاثر ڪرڻ جو پروگرام پي ٽي آءِ ٺاهيو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي ڪوشش هئي ته ملڪ ڏيوالي جو شڪار ٿي وڃي، پي ٽي آءِ باني جي ڪوشش هئي ته هتي سيڙپڪاري اچڻ بند ٿي وڃي، شهباز شريف ذاتي دلچسي سان ڳالهين طئي ڪيون ۽ ملڪ بچي ويو، پي ٽي آءِ ملڪ کي ڊفالٽ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي هئي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ ترجمان رئوف حسن چيو ته کين جيل مان هدايت ملي آهي ته آءِ ايم ايف کي خط لکو، پاڪستان جي رياست ۽ قومي مفاد جو تحفظ سندن اولين ذميواري آهي، معيشيت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم روزانو 3 کان 4 اجلاس رڳو معيشيت جي بحالي لاءِ ڪندو آهي، هڪ سياسي پارٽي کي پنهنجي ذات کان اڳتي ڪجهه نظر نٿو اچي، کين معيشيت جي بحالي ۾ ڪا به دلچسپي ناهي.
عطا تارڙ چيو ته يورپي يونين سان رابطو ڪري رهيا آهن، پاڪستان کان جي ايس پي پلس وٺندا، اسٽيٽس آهي ته رپيو مستحڪم ٿيندو، هو چاهن ٿا ته رپيو پاڪستان ۾ مستحڪم نه ٿئي، ايڪسپورٽ نه ٿيڻ گهرجي، صنعت بند ٿيڻ گهرجي، هي مطالبو تحريڪ انصاف طرفان ڇو ڪيو پيو وڃي؟
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته ملاقاتن تي پابندي رڳو اڊيالا جيل ۾ ناهي لڳائي وئي، اڊيالا، ميانوالي ۽ ڊيرا غازي خان جيلن جي آڊٽ ڪئي پئي وڃي، ايتري ڳالهه تي يورپي يونين کي چيو ويو ته جي ايس پي پلس اسٽيٽس واپس وٺو.
سندس چوڻ هو ته هي اهي ئي ماڻهو آهن جن 9 مئي جو سانحو ڪيو، قائداعظم جو گهر ساڙيو، اوهان چئو ٿا آءِ ايم ايف پاڪستان کي قرض نه ڏي، هو چون ٿا ملڪ کي اڳتي وڌايون، توهان سائفر ڦڙڪايو ۽ چيو هي ته سائفر نه هو، اوهان سياسي مفاد کي اوليت ڏيو ٿا ۽ قومي مفاد جي پرواهه نٿا ڪريو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته اهو ڪوڙ آهي ته جيل ۾ سهولتون نه ٿيون ڏنيون وڃن، اهڙيون سهولتون ڪنهن به قيدي کي ناهن جهڙيون پي ٽي آءِ باني کي آهي، جيڪڏهن وڌيڪ سهولتون چاهيو ٿا ته عدالتن سان رابطو ڪريو، پنجاب حڪومت ٽن جيلن جو سڪيورٽي آڊٽ ڪري رهي آهي، توهان صبر ڪريو، توشه خانا، سائفر ۽ ٻين ڪيسن ۾ توهان کي سزا ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.