نوازشريف، اسٽيبلشمينٽ ۽ شهبازشريف کان ڪاوڙيل؟

لاهور(عوامي آواز نيوز) ن ليگ جي قائد نوازشريف ماڻهن سان ملڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان افواهن جو هڪ بازار گرم آهي،ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته نوازشريف جي طبيعت خراب آهي، ڪجهه چون ٿا ته صحت خرابي جو جواز ڄاڻائي ميان صاحب کي وري ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جون تياريون هلي رهيون آهن، ڪجهه چون ٿا ته نوازشريف رٽائرمينٽ وٺي ڇڏي آهي ۽ سمورا معاملا شهبازشريف ۽ مريم نواز حوالي ڪري ڇڏيا آهن، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته نوازشريف هن وقت سخت ڪاوڙيل آهي ۽ شهبازشريف جي اسٽيبلشمينٽ سان جيڪا ڊيل  ٿي آهي ان حوالي سان ميان صاحب کي گهڻا خدشا آهن،نوازشريف جي لاهور مان چونڊ جي حوالي سان به اعتراض اٿي رهيا آهن،آءِ ايم ايف عمران خان جي خط کي گاهه نه وجهندي پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، جائزه مشن اسلام آباد پهچڻ وارو آهي،عالمي مالياتي ادارو پاڪستان کي نئون قرض ڏيڻ جو به ارادو رکي ٿي،هائبرڊ نظام تي نوازشريف کي سخت اعتراض آهن، نوازشريف جي ويجهن ماڻهن جو مڃڻ آهي ته هن جي حوالي سان سوچيل سمجهيل سازش تحت بيانيو بڻايو پيو وڃي ۽ ان ۾ ميڊيا جي وڏن نالن کي استعمال ڪيو پيو وڃي،اهي صحافي طاقتور حلقن جي ويجهو آهن ۽ اهو بيانيو ٺاهي رهيا آهن ته نوازشريف جي پاڪستان جي سياست ۾ ڪا به گنجائش ناهي ۽ هن کي ٽپڙ ويڙهي هاڻي لنڊن وڃڻ گهرجي،نوازشريف کي ان ڳالهه تي به اعتراض آهن ته سندس ڀاءُ شهبازشريف جي حڪومت ۾ هن جي لاهور واري سيٽ(اين اي 130)تي خدشا وڌائي چڙهائي پيش ڪيا پيا وڃن،نوازشريف جو خيال آهي ته ن ليگ کي حڪومت ڏيڻ ،کيس مائنس ڪرڻ کان پوءِ به هن کي قرباني جو ٻڪر ڇو پيو بڻايو وڃي، ان حوالي سان ن ليگ جو اجلاس به رٿيل هو پر نوازشريف ان اجلاس ۾ شرڪت کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي،نوازشريف جي اسٽاف جو چوڻ آهي ته نوازشريف ڪنهن سان نه ملندو،ذريعن موجب نوازشريف جي ناراضگي وڌي وئي آهي، نوازشريف جو خيال آهي ته حڪومت سازي جو مرحلو مڪمل ٿيڻ کان پوءِ شهبازشريف کي پارٽي صدارت ڇڏڻ گهرجي، اينڪر معظم فخر جو چوڻ آهي ته نوازشريف شهبازشريف کان پارٽي صدارت واپس وٺي پاڻ صدارت سنڀالڻ چاهي ٿو ته جيئن معاملن مٿان هن جي گرفت هجي، هن جي ڪاوڙ شهبازشريف سميت اسٽيبلشمينٽ مٿان به آهي،هن جو خيال آهي ته اسٽيبلشمينٽ ڄاڻي واڻي اهڙا قدم کڻي رهي آهي جنهن سان ن ليگ جي هڪ ٻيهر شامت ايندي،ڇو ته حڪومت وٺندي ئي شهبازشريف کي جيڪي مشڪل فيصلا ڪرڻا پوندا انهن جو نتيجو وري به پارٽي کي ئي ڀوڳڻو پوندو،عمران خان تي وڌيڪ مصيبتون نازل ڪرڻ جو ردعمل به ن ليگ جي کاتي ۾ ايندو ڇو ته منظرعام تي ته شهبازشريف ۽ محسن نقوي آهن،ميان صاحب جو خيال آهي ته اسان کي اهو گند نه کڻڻ گهرجي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 13 مارچ 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.