وفاقي ڪابينا ۾ نوازشريف جا ساٿي نظرانداز

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)شھبازشريف ڪابينا ۾ نوازشريف جي ٽيم کي ڌڪي پري ڪري ڇڏيو. نوازشريف جي ويجھن ماڻھن ۾ رانا ثناالله،خواجا سعدرفيق،پرويزرشيد،فواد حسن فواد،خرم دستگير، زاھد حامد ۽ انوشا رحمان شامل آھن،جن مان ڪنھن کي بھ ڪابينا ۾ نھ کنيو ويو آھي.جن بابت ھڪڙي ڳالھھ ھي  چئي پئي وڃي تھ راڻا ثناالله ۽ سعد رفيق وزارتن وٺڻ کان  انڪار ڪري ڇڏيو آھي.راڻا ثناالله جو چوڻ آھي تھ ھن ھارايو آھي ان ڪري وزارت ۾ نھ ايندو.سعدرفيق چئي ٿو تھ ھنن حالتن ۾ حڪومت وٺڻ بيوقوفي آھي ۽ ھو ان جو حصو نٿو ٿيڻ چاھي.نوازشريف جي ڪنھن بھ ساٿي جي ڪابينا ۾ شامل نھ ٿيڻ بعد سوال آھي تھ ڇا ھن جو سمورا ماڻھن پاسيرو رھڻ چاھين ٿا يا وري ڄاڻي واڻي شھبازشريف انھن کي حڪومت ۾ شامل نھ ڪيو آھي ڇاڪاڻ جو ھو انھن جي ھئڻ سان شھبازشريف ڏکيائي محسوس ڪري سگهي ٿو.شھبازشريف ،پرويز رشيد کي اسٽيبلشمينٽ جو مخالف سمجھي ٿو. جنھن بابت کيس خطرو ھو تھ ان کي وزير ڪرڻ سان اسٽيبلشمينٽ ناراض ٿي ويندي.سعد رفيق بابت خيال آھي تھ اھو ڪنھن جي نٿو ٻڌي ۽ ٽيڙو ماڻھو آھي.طارق فاطمي بابت شھبازشريف چئي ٿو تھ اھو پوڙھو ٿي ويو آھي،نئين ڊپلوميسي کي نٿو سمجھي.ٻئي پاسي وري اسحاق ڊار بھ طارق فاطمي سان گڏ نٿو ھلڻ چاھي. ان ڪري ھن کي پاسيرو ڪيو ويو آھي.زاھد حامد ۽ انوشا رحمان نوازشريف جي اڳوڻي حڪومت ۾ ھڪ بحران پيدا ڪري ڇڏيو ھو،انھن کي شامل ڪرڻ سان ٻيھر ٽي ايل پي مخالفت ۾ ميدان ۾ اچي ويندي.اھو بھ ممڪن آھي تھ نوازشريف جي ٽيم پاڻ کي حڪومت کان پري رکڻ چاھيو ھجي.جو اھي چاھين ٿا تھ شھبازشريف لاءِ کليل ميدان ھجي،پوءِ ناڪام ٿيو تھ اھا شھبازشريف جي کاتي ۾ داخل ٿئي.جنھن سان نوازشريف بچي ويندو.مسلم ليگ ن ۾ ڪھڙي کچڻي رڌجي پئي، ان بابت فوري ڪجھ نٿو چئي سگھجي.پر اھو ٿيو آھي تھ ڪابينا ۾ نوازشريف جي ساٿين کي پوئتي ڌڪيو ويو آھي.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 13 مارچ 2024 تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.