عورت ٽڪ ٽاڪر چونڊرائڻ تي ن ليگ تي تنقيد

لاهور(عوامي آواز نيوز) مسلم ليگ ن پاران قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تي هڪ ٽڪ ٽاڪر مريم اڪرام جو نالو شامل ڪرڻ تي سخت تنقيد کي منهن ڏئي رهي آهي،جنهن جو اڃا تائين پارٽي ڪو به جواب ئي ناهي ڏنو،صحافي عمران شفقت موجب پارٽي اندريان ئي مريم اڪرام خلاف آواز اٿڻ لڳا آهن،ن ليگ عورت ونگ جي صدر نوشين افتخار احتجاج طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، مريم اڪرام تي هڪ الزام اهو به آهي ته هو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث رهي آهي، ان حوالي سان پي ٽي آءِ جهنڊا  کڻي سندس ٺاهيل وڊيوز کي جعلي به قرار ڏنو پيو وڃي،ڪنهن ٽڪ ٽاڪر کي قانون ساز جي سيٽ تي ايڊجسٽ ڪري سگهجي ٿو؟ ان سنجيده سوال جو جواب ملڻ گهرجي، ماڻهن کي تفريح مهيا ڪرڻ الڳ معاملو آهي ۽ عوام جي مسئلن تي غورويچار ڪري قدم تجويز ڪرڻ ٻيو معاملو آهي،عورتن جون مخصوص سيٽون خاندانن ۾ ئي ورهايون وينديون آهن، رڳو پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ڪجهه ڪارڪنن کي انهن سيٽن تي ايڊجسٽ ڪيو آهي، ن ليگ جا ڪارڪن مريم اڪرام جي حوالي سان سوال اٿي رهيا آهن ته اها ڪير آهي؟ ان جو سياسي ،سماجي ڪردار ڪهڙو رهيو آهي؟ ن ليگ وارا ڪڏهن مريم اڪرام کي اسٽيبلشمينٽ جي کاتي ۾ وجهي رهيا آهن ته ڪڏهن انڪاري آهن،هوڏانهن صحافي معظم فخر موجب مريم اڪرام کي ن ليگ ۾ ايم اين اي بڻائڻ لاءِ به پارٽي اندر وڏي گيم ڪئي وئي،ان ۾ شهبازشريف جي ويجهن ماڻهن جو وڏو ڪردار هو، ليگي اجلاس ۾ نوازشريف آڏو مريم اڪرام کي مخصوص سيٽ تي کٽرائڻ لاءِ تعريفن جا بند ٻڌا ويا جنهن تي نوازشريف مٿاڇرو راضپو ظاهر ڪندي چيو ته ان جو نالو پنجاب اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن جي لسٽ ۾ آخري نمبر تي وڌو وڃي پر نوازشريف کي باءِ پاس ڪري سندس (مريم اڪرام) جو نالو قومي اسيمبلي ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو، ان تي به نوازشريف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

نوٽ: هيءَ خبر روزاني عوامي آواز اربع 13 مارچ 2024 تي شايع ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.