جلد خبر پوندي ته نااهل حڪومت پاڪستان سان ڇا ڪرڻ واري آهي: فيصل واوڊا

اسلام آباد(م ڊ)فيصل واوڊا چيو آهي ته 15 ڏينهن کان پوءِ خبر پوندي ته نااهل حڪومت پاڪستان سان ڇا ڪرڻ واري آهي. سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس(اڳوڻي ٽوئٽر) تي پنهنجي بيان ۾ فيصل واوڊا چيو آهي ته  اڄ رمضان جو پهريون روزو آهي. صوبو مولاجٽ، صوبو پيرس، اسٽار پلس، صوبه بزدار ٽو ۽ مٿان آئين اسٽائين سموري حڪومت اتحادين جي بڻجي چڪي آهي. هن چيو ته اڄ پهرين روزي تي غريب ماڻهن جي ضرورت جون جيڪي به شين جون قيمتون آهن انهن کي ياد رکيو وڃي. 15 روزي تائين انهن شين جون قيمتون ڊبل کان به وڌيڪ ۽ مهانگائي آسمان تي هوندي. فيصل واوڊا چيو ته هن 15 ڏينهن جي ٽيسٽ کان پوءِ اندازو لڳايو ته پاڪستان جي عوام سان گڏ هن نااهل، نڪمي، نالائق، بدبودار جمهوري نظام تي ٻڌل حڪومت پاڪستان سان اڳيان ڇا ڪرڻ واري آهي ۽ ڪيستائين هلندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.