موجود حڪومت ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد ( م ڊ )اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو  آهي ته  موجود حڪومت ۾ مسئلا حل ڪرڻ جي صلاحيت ناهي، اليڪشن تي آڱريون کڄي ويو آهن، پريشان ڪندڙ ماحول آهي، اسان تاريخ مان ڪجهه ناهي سکيو، معاملا حل ڪرڻان پوندا، شهباز شريف کي ملڪ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ پي ٽي  آءِ باني سميت سڀ سان ڳالهائڻو پوندو، خبر موجب خانگي ٽي وي شو ۾ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته نئين  سياسي پارٽي ٺاهيندس، جنهن لاءِ کوڙ ماڻهو اسان سان رابطي ۾ آهن، ڪافي دوست نئين سياسي پارٽي جو حصو بڻجن چاهين ٿا،  نئين سياسي پارٽي وراثتي  نه هوندي، مونکي نئين پارٽي جو صدر بڻجڻ جو شوق ناهي، مفتاح اسماعيل صدر بڻجي وڃي، هن چيو ته وزيراعظم اي سي سي اجلاس جي صدارت نه ڪندو ته معاملا نه هلندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.