58 اسلامي ملڪ فلسطينين جي نسل ڪشي ڏسن پيا: سراج الحق

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي امير سراج الحق چيو آهي ته 58 اسلامي ملڪ فلسطين ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڏسي رهيا  آهن، رمضان شريف جي شروعات ۾ به اسرائيل پاران فلسطين مٿان بمباري جاري آهي، برسات سبب ماڻهو مشڪلاتن جو شڪار آهن فلسطين تي پابندين سبب امدادي سامان نٿو پهچي سگهي اسرائيل جو ظلم روڪڻ لاءِ ڪا به ڳالهه ناهي ٿي رهي، جماعت اسلامي الخدمت فائونڊيسن جي ذريعي مصر ۽ ترقي جي تنظيمن سان ملي ڪري غذا ۾ امداد پهچائڻ ٿا، منصوره مان جاري ڪيل بيان ۾ سراج الحق چيو ته دنيا ڀر ۾ عوام آمريڪا يورپ ۾ فلسطينين جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي احتجاج ڪيو ويو، پاڪستاني حڪومت عوام جي احتجاج ۽ مطالبن بعد به فلسطين جي عوام جي ڪابه مدد ڪري ناهي سگهي امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو ته موجوده حڪومت رمضان شريف ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي وئي آهي عوام مهانگائي بي روزگاري بدامني جي ور چڙهي ويو آهي پر حڪمران جييڪي جعلي مئنڊيئينت ذريعي اقتدار ۾ آيا آهن، هي عوام جي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندا هن چيو ته جماعت اسلامي ملڪ جي خوشحالي لاءِ هميشه سوچيو آهي ۽ هميشه ملڪ جي ڀلائي عوام جي ڀلائي لاءِ سوچيندي رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.