سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات، مواصلاتي نظام ڊانوان ڊول

ڪراچي / ڪوئيٽا (نمائندا + م ڊ) سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ تيز برسات، طوفاني هوائون، مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، بجلي بند ٿي وئي، سنڌ جي مختلف شهرن ۾ تيز هوا سان گڏ تيز برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري آهي، برسات شروع ٿي ته مختلف شهرن ۾ بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي، قمبر، شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي، خيرپور ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات سبب زندگي جو  نظام درهم برهم ٿي ويو، صحبت پور شهر ۾ به تيز برسات پئي، فصل ٻڏي ويا، پاڻي گهرن ۽ گهٽين ۾ داخل ٿي ويو، راضي ديرو، اڳڙا بهارو، رپڙي، دلاور کهڙو  ۽ آس پاس وارن علائقن ۾ تيز طوفان سان گڏ تيز برسات جو سلسلو جاري جنهن سبب ٿد ۾ اضافو ٿي ويو، طوفان ۽ تيز برسات هجڻ ڪري تيار ٿيل ڪڻڪ جي بمپر فصل کي نقصان پھچڻ جو خدشو وڌي ويو آهي، بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ به طوفاني هوا سان گڏ برسات، شهرن ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيهجي ويو، متاثرن جا اهنج ٻيڻا ٿي ويا، ان سلسلي ۾ ٻڌايو پيو وڃي ته چاغي، دالبدين ۾ تيز طوفان آيو، ڏينهن جو به مڪمل اوندهه ٿي وئي، ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته صورتحال کي نظر ۾ رکندي پاڪستان ايران شاهراهه تي ٽريفڪ کي روڪيو ويو آهي، جڏهن ته رپورٽس موجب موسميات کاتي پاران سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.