واٽس ايپ واهپيدارن لاءِ بهترين فيچر متعارف

واٽس ايپ پاران لاڳيتو ڪيترن ئي نون ۽ دلچسپ فيچرن تي ڪم جاري رهندو ته جيئن واهپيدارن کي ٻين سروسز ڏانهن رخ نه ڪرڻو پوي.
اهڙي ئي هڪ نئين فيچر کي جلد ميٽا جي ملڪيت هيٺ ان ميسيجنگ ايپ جو حصو بڻايو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن کي چيٽس آرگنائز ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندو.
رپورٽ موجب واٽس ايپ ۾ چيٽ فلٽرز جو فيچر اينڊرائيڊ ڊوائيسز جي بيٽا (Beta) ورجن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر سان واٽس ايپ جو يوزر انٽرفيس به سادو ڪيو پيو وڃي ته جيئن واهپيدارن کي وڌيڪ سهولت ملي سگھي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته واٽس ايپ ۾ آل، ان ريڊ (Unread) ۽ گروپ جي نالي سان 3 چيٽ فلٽرز واهپيدارن کي دستياب هوندا.
جيئن نالي مان اشارو ملي ٿو ته آل تي ڪلڪ ڪرڻ تي اوهان جي سموري چيٽ هوم فيڊ تي نظر ايندي.
جيڪڏهن اوهان ان ريڊ جي چونڊ ڪندا ته رڳو اُهي چيٽس نظر انديون جن کي اوهان نه پڙهيو هوندو جڏهن ته گروپ فلٽر تي ڪل ڪري رڳو گروپ چيٽس کي ڏسڻ ممڪن هوندو.
چيٽ فلٽڙ جي هيٺان واٽس ايپ ۾ لاڪ چيٽس ۽ آرڪائيو چيٽس تائين پهچ جا آپشنز به ڏنا ويندا.
چيٽ فلٽر جي هيٺان واٽس ايپ ۾ لاڪ چيٽس ۽ آرڪائيو چيٽس تائين پهچ جا آپشنز به ڏنا ويندا.
اهو فيچر اڃا بيٽا ورجن ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ اتي به محدود واهپيدارن کي دستياب آهي ته ڪمپني پاران واهپيدارن لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو، اهو چوڻ اڳڪٿي هوندو.
ان کان اڳ واٽس ايپ پاران اينڊرائيڊ ڊوائيسز ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ ڪيپشن فيچر جي آزمائش به شروع ڪئي وئي هئي.
ان فيچر تحت چيٽ اوپن ڪرڻ تي يوزر نيم جي هيٺان هڪ نالي جو آئڪون ۽ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپٽڊ لکيل ضرور نظر ايندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.