ڊکڻ (ويب ڊيسڪ) ڊکڻ ڀرسان تيز رفتار ويگن ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي پيا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.
نبي وڳڻ ٿاڻي جي حد رتوديرو جيڪب آباد روڊ تي جنت شاخ لاڙي وٽ تيز رفتار ويگن بريڪ فيل ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي.
حادثي جي نتيجي ۾ شهمير بگدار سميت 3 ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 15 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا.
حادثي بعد لاشن ۽ زخمين کي رتوديرو اسپتال آندو ويو، جتان زخمين کي ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري لاڙڪاڻي منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته تيز رفتار وين رتوديرو کان جيڪب آباد طرف وڃي رهي هئي ته بريڪ فيل ٿيڻ سبب بجلي جي ٿنڀي سان ٽڪرائجي وئي.