ماتلي (ويب ڊيسڪ) ماتلي ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ عورت فوت ۽ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.
ماتلي ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو.
حادثي جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار 26ورهين جي عورت غلام زهره ڪورائي فوت ۽ شاڪر علي ڪورائي زخمي ٿي پيو.
اطلاع تي پوليس پهچي عورت جو لاش ۽ زخمي کي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو.
ٻئي طرف ماتلي پوليس ٽريڪٽر ٽرالي کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.