جناح اسپتال ۾ اهم اڳڀرائي، روبوٽ ذريعي شگر جو مرض ئي ختم!

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ شگر ۽ ٿولهه جي مرض ۾ مبتلا ماڻهن جي روبوٽڪ سرجري ڪئي وئي.

جناح اسپتال جي سربراهه پروفيسر شاهد رسول دعويٰ ڪئي آهي ته هن روبوٽڪ سرجري کانپوءِ مريضن کي شوگر جي دوائن ۽ انسولين جي ضرورت نه پوندي.

پروفيسر شاهد رسول جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن سرجري ذريعي عورت جي معدي کي ننڍو ڪري ذیابيطس ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هاضمي جي نظام کي تيز ڪرڻ لاءِ وڏي آندي کي به ننڍو ڪيو ويو آهي.

روبوٽڪ سرجري هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي ۽ 45 سالن جي شگر جي مريض عورت جو وزن 140 ڪلوگرام هو.

پروفيسر شاهد رسول چيو ته سرجري کانپوءِ عورت جو وزن گهٽ ٿيندو ۽ شگر جي مرض کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ مريض کي شوگر جي دوا ۽ انسولين نه ڏني ويندي.

هن چيو ته اهڙن مريضن مان 70 سيڪڙو ذیابيطس جي مرض ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.

جناح اسپتال ڪراچي ۾ جنرل سرجري سميت يورولوجي ۽ گائناڪالوجي جون 135 روبوٽڪ سرجريون ڪيون ويون آهن، جن جي شروعات سيپٽمبر 2023ع ۾ ڪئي وئي هئي، پر گائناڪالوجي روبوٽڪ سرجري جي رڳو تربيت ڏني وئي هئي ڇاڪاڻ ته اها هڪ پيچيده سرجري آهي، ان حوالي سان گائناڪالوجي روبوٽڪس سرجري ورڪشاپ پڻ منعقد ڪيو ويو.

ياد رهي ته پاڪستان جي پاڙيسري ملڪن ۾ به روبوٽڪ سرجري ذريعي ميٽابولڪ سرجري نه ٿي آهي، پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو جناح اسپتال ۾ ٿولهه ۽ ميٽابولڪ سرجري ڪئي وئي آهي.

ليپرو اسڪوپڪ سرجري ۾ ٻانهن 180 ڊگريون گهمائي ويندي آهي جڏهن ته روبوٽڪ سرجري جا هٿ 360 ڊگرين ڦرڻ جوڳا هوندا آهن، ان جو ويزن ٿري ڊي هوندو آهي جنهن سبب آپريشن دوران خدشا گهٽجي ويندا آهن، هن روبوٽڪ آپريشن ۾ رت وڌيڪ ناهي وهندو ۽ ڪٽ به ننڍو هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.