عمران خان سان ملاقات نه ڪرائڻ تي جيل سپرنٽنڊنٽ خلاف توهينِ عدالت جي درخواست داخل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرائڻ تي سپرنٽنڊنٽ جيل خلاف توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي تي جيل سپرنٽنڊنٽ خلاف توهينِ عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.
مجلس وحدت المسلمين جي چيئرمين علامه راجا ناصر چيو ته جهنگ ۾ به ڪو قانون هوندو هوندو آهي هتي بدترين حالتون آهن.
پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرائڻ تي سپرنٽنڊنٽ اڊيالا جيل خلاف وحدت المسلمين جي چيئرمين علامه راجا ناصر عباس اسلام آباد هاءِڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو ته عدالتي حڪم سان اڊيالا جيل وياسين پر پي ٽي آءِ باني سان ملاقات نه ڪرائي وئي جيل انتظاميا کي اٺ مارچ جو آرڊر ڏيکاريو ته انتظار ڪرڻ جو چيو ويو .
درخواست گذار چيو ته يارنهن مارچ جي صبح نوَ وڳي کان شام چئين وڳي تائين انتظار ڪرائڻ باوجود ملاقات نه ڪرائي وئي، حڪمن جي تصديقي ڪاپي ڏيکارڻ باوجود درخواست گذارن کي ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.