موجودا مالي حالتن ۾ آءِ ايم ايف پروگرام اڻٽر قرار، هلندڙ سال ڏکيو ثابت ٿيندو: ناڻي وارو وزير

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب آءِ ايم ايف پروگرام کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان اهم ڳالهين لاءِ جلد رسمي درخواست ڪندو.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته هلندڙ مالي سال ڏکيو ثابت ٿيندو، پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول ڳالهيون هلندڙ هفتي شروع ٿي وينديون.
هن چيو ته پاڪستان جي معاشي چئلينجز کي نظر ۾ رکندي پنهنجي سموري توانائي انهن مسئلن جي حل لاءِ استعمال ڪندس.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.