يوٽيوب سروس ۾ تبديلي

گوگل جي مشھور وڊيو شيئرنگ سروس يوٽيوب ۾ خاموشي سان ھڪ وڏي تبديلي ڪئي آھي.
جيڪڏھن اوهان گوگل اڪائونٽ تي سائن ان ٿيڻ کانسواءِ يوٽيوب اوپن ڪندو ته ھوم پيج خالي نظر ايندو.
ان کان اڳ جيڪڏھن اوهان اڪائونٽ تي لاگ ان ٿيڻ کانسواءِ يوٽيوب اوپن ڪندا هئا ته اتي ڪيتريون ئي وڊيوز نظر اينديون هيون جيڪي صارف جي مقامي هيسٽري جي بنياد تي تجويز ڪيون وينديون ھيون.
هاڻ جيڪڏھن توھان ويب برائوزر مان لاگ آئوٽ ٿي وڃو يا گوگل اڪائونٽ لاگ ان کانسواءِ برائوزر تي يوٽيوب اوپن يا انڪوگنيٽوموڊ استعمال ڪيو ته وڊيو شئيرنگ ويب سائيٽ ھڪ خالي صفحو ڏيکاريندي.
ان خالي پيج تي ھڪ پيغام لکيل هوندو جنھن ۾ واهپيدار کي وڊيوز ڳولڻ لاءِ چيو ويندو.
اھو واضع ناھي ته يوٽيوب ڪڏھن تبديلي ڪئي، ڪمپني طرفان اهڙو اعلان نه ڪيو ويو ھو، پر اھڙي تبديلي جو اشارو آگسٽ 2023 ۾ ڏنو ويو ھو، جنھن تحت صارفين کي يوٽيوب ھوم پيج خالي رکڻ جو آپشن ڏنو ويندو.
ان وقت اھو ٻڌايو ويو هو ته ته ھوم پيج کي بلينڪ ڪرڻ لاءِ اوھان کي پنھنجي يوٽيوب جي واچ ھسٽري ڪلئير ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.