ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ؟

ڀارتي ليجنڊري بيٽر ويرات ڪوهلي راند جي ميدان ۾ هجي يا راند کان ٻاهر پر هو سدائين خبرن ۾ رهندو، هاڻي ڀارتي ميڊيا ۾ خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ويرات ڪوهلي هلندڙ سال جون ۾ آمريڪا ۽ ويسٽ انڊيز ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ ڀارتي ٽيم جو حصو نه هوندو.
ان کان اڳ انگلينڊ جي ڀارت جي دوري دوران هن ٽيسٽ سيريز ۾ شرڪت نه ڪئي هئي جنهن جا ذاتي سبب هئا، جنهن جي تصديق ان وقت ٿي جڏهن ته سيريز دوران ئي سندس گهر ٻئي ٻار جي پيدائش ٿي.
ڀارتي اخبار دي ٽيلي گراف جي هڪ رپورٽ موجب، بي سي سي آءِ سيڪريٽري جئه شاهه تصديق ڪئي آهي ورلڊ ڪپ ۾ روهت شرما ئي ڀارتي ٽيم جي قيادت ڪندو پر هن ويرات ڪوهلي جي شموليت بابت وضاحت ناهي ڪئي.
رپورٽ موجب، ڀارتي سليڪٽر ۽ ٽيم مئنيجمينٽ ٽورنامينٽ کان اڳ سخت فيصلا ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ڇو ته ڀارت 2013ع کان پوءِ ڪا به آءِ سي سي ٽرافي ناهي کٽي ۽ روهت شرما جي ٽيم گذريل سال ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۽ ون ڊي ورلڊ ڪپ جا فائنل هارائي وئي هئي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ويرات ڪوهلي مختصر فارميٽ يعني ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ ٽيم جون گهرجون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي.

ٻئي پاسي ويرات ڪوهلي جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ شموليت بابت افواهن تي پاڪستان جي اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عرفان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ڪوهلي کانسواءِ ڀارتي ٽيم اڻپوري آهي، هو تمام وڏو بيٽر آهي هن گذريل سال ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڪيئي ميچن ۾ اڪيلي سر ڀارت کي فاتح بڻايو.
اڳوڻي انگلش ڪرڪيٽر اسٽورٽ براڊ ان خبر تي ردعمل ڏيندي چيو ته اِهو سچ نٿو ٿي سگهي، ڪرڪيٽ ۾ شوقينن جي دلچسپي وڌائڻ لاءِ آءِ سي سي آمريڪا ۾ عالمي ڪپ ڪرائي رهي آهي ۽ ڀارت ۽ پاڪستان جو مقابلو نيويارڪ ۾ شيڊيول آهي ۽ ويرات جي موجودگي دنيا جي هر رانديگر کان وڌيڪ تماشائي ميدان ۾ آڻي سگهي ٿي.
هوڏانهن سي بي سي سي آءِ جو چوڻ آهي ته ويسٽ انڊيز ۾ سلو وڪيٽ هوندي آهي جيڪا ويرات ڪوهلي کي راس ناهي ايندي، جنهن تي ڪيئي واهپيدار ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن.
بهرحال ڪوهلي جون ۾ شيڊيول ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارتي اسڪواڊ ۾ هوندو يا نه پر سندس چاهيندڙ کيس انڊين پريميئر ليگ ۾ کيڏيندي ڏسي سگهندا جيڪا هلندڙ مهيني 22 مارچ کان شروع ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.