يشسوي جئسوال آءِ سي سي جو اهم اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي اوپننگ بيٽر يشسوي جئسوال کي آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو آهي.
انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب، يشسوي جئسوال کي فيبروري جي ڪارڪردگي جي بنياد تي پليئر آف دي منٿ قرار ڏنو ويو .
آءِ سي سي طرفان فيبروري مهيني لاءِ ڀارت جي يشسوي جئسوال، ڪيوي ڪپتان ڪين وليمسن ۽ سريلنڪا جي پاٿم نِسانڪا کي نامزد ڪيو ويو هو.
يشسوي جئسوال ٻنهي ڪرڪيٽر کي شڪست ڏئي پليئر آف دي منٿ جو ايوارڊ کٽي ورتو.
واضح رهي ته يشسوي جئسوال 2023ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ سيريز ۾ ڊيبيو ڪيو ۽ پنهنجي پهرين ئي اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪئي هئي.
جئسوال انگلينڊ خلاف پنج ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ پنهنجي ڪيريئر جي يادگار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي سيريز ۾ ست سئو کان وڌيڪ رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ ٻه ڊبل سينچريون ۽ ٽن ففٽين سان گڏ 26 ڇڪا پڻ هنيا هئا، جنهن تي کيس پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.