قرض قسط بابت ڳالهيون، آءِ ايم ايف وفد اڄ رات پاڪستان پهچندو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي اداري ( آءِ ايم ايف ) جو وفد اڄ رات پاڪستان پهچندو، وفد اسٽينڊ باءِ پروگرام تحت ايندڙ قسط جاري ڪرڻ لاءِ مذاڪرات ڪندو.
ذريعن موجب، آءِ ايم ايف سان ڳالهين جو سلسلو 14 کان 18 مارچ تائين جاري رهندو، ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ جي صورت ۾ هڪ ڏهائي هڪ ارب ڊالرز جي قسط جاري ڪرڻ جو فيصلو ٿيندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف وفد جي دوري دوران نئين قرض پروگرام بابت ڳالهه ٻول به متوقع آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.