ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو ڏينهن منفي رهيو، 100 انڊيڪس ۾ 953 پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي.
رمضان المبارڪ جي پهرئين ڏينهن اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو منفي رجحان رهيو.
اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي رهي ۽ پاڪستان اسٽاڪ انڊيڪس ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي 100 انڊيڪس 953 پوائنٽس گهٽجي 64 هزار 801 تي اچي ويو.
ڪاروباري ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس 1194 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، 100 انڊيڪس جي گهٽ ترين سطح 64 هزار 664 رهي.
شيئرز بازار ۾ اڄ 32 ڪروڙ 17 لک شيئرز جا سودا طئي ٿيا، جڏهن ته مارڪيٽ ڪيپٽلائزيشن 132 ارب رپين مان گهٽجي 9 هزار 228 ارب رُپيا رهي.
You might also like