اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مهانگائي حڪومت لاءِ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، اشرافيا کي ملندڙ سبسڊي ختم ڪرڻي پوندي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن تي ڪنٽرول لاءِ فوري ڪميٽي قائم ڪئي وڃي. ڪابينا جو چوڻ آهي ته ڪميٽي صوبائي حڪومتن جي سهڪار سان کاڌي پيتي جي شين جي قيمتن جي سخت نگراني ڪندي. وزيراعظم ضروري شين جي قيمتن ۾ غير ضروري واڌ ۽ ناجائز منافعو خورن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي. شهباز شريف چيو ته منافع خورن خلاف سخت ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي. وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته غريب ماڻهو مهانگائي جي بار هيٺان دٻجي ويو آهي، اشرافيه کي سبسڊي ڏيڻ جو ڪو جواز ناهي. هن چيو ته اسان جي گذريل حڪومت ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، وفاقي حڪومت رمضان المبارڪ ۾ 12 ارب رپين جو رليف پيڪيج ڏنو، موبائل يوٽيلٽي اسٽور ٻيهر شروع ٿي رهيا آهن، بي آءِ ايس پي تحت اضافي ڪيش ڏنو پيو وڃي. شهباز شريف چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اضافي رقم ڏني پئي وڃي، قوم کي سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي. مهانگائي گهٽ ڪرڻ اسان جو پهريون امتحان آهي، غريبن کي رليف ڏيڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪرڻيون پونديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ قيمتن تي ضابطو صوبن سان گڏ ڪنداسين. آڱرين تي ڳڻڻ جيتري اشرافيا 90 سيڪڙو وسيلن تي قابض آهي، انهن کي سبسڊي جو ڪو جواز ناهي، گئس ۽ بجلي جو گردشي قرض 5 هزار ارب رپيا آهي، پگهارون به به قرض وٺي ڏئي رهيا آهيون هول سيلرز غائب ۽ ننڍا وڪرو ڪندڙ جدوجهد ڪري رهيا آهن. عالمي ادارا چون ٿا ته ريزڪي ڪاروبار ڪندڙن تي ٽئڪس لڳايو، اهي پنهنجي جاءِ تي پر ٻڌي ڪاروبار وارا ڪاڏي ويا.