جي يو آءِ جي مخصوص سيٽ تي اڻڄاتل عورت جو نوٽيفڪيشن

اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي ڪوٽا تي اڻڄاتل عورت جي مخصوص سيٽ تي  ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو. اليڪشن ڪميشن صدف احسان نالي عورت جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن خيبر پختونخواهه مان قومي اسيمبلي جي مخصوص سيٽ لاءِ جاري ڪيو، جنهن جو نمبر ايف 6 آف 2024 آهي. هوڏانهن جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان نوٽيفڪيشن رد ڪري جاچ جي درخواست ڪئي آهي. مولانا فضل الرحمان جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته صدف احسان نه پارٽي ميمبر آهي ۽ نه اهو نالو اسان جي فهرست ۾ شامل آهي، سندس نوٽيفڪيشن رد ڪري حنا بي بي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نوٽيفڪيشن غلطي سان جاري ٿيو يا ملي ڀڳت سان؟ اڻڄاتل عورت جي نوٽيفڪيشن جي جاچ ڪرائي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.