رمضان ايندي ئي منافعي خور بي لغام، عوام جا مٿي تي هٿ اچي ويا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رمضان مهينو ايندي ئي مهانگائيءَ جي طوفان عوام جون رڙيون ڪڍي ڇڏيون، سبزين ۽ ميون سميت هر شئي جا اگهه چوٽ چڙهي ويا.
ملڪ ۾ رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر ايندي ئي مهانگائي جو جن بي قابو ٿي ويو، منافعي خور بي لغام ٿي ويا، جنهن سبب عوام پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
سبزين ۽ ميون جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳا آهن، جڏهن گوشت به عام ماڻهو جي وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ بصر 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو، ادرڪ 500 ۽ ٿوم 650 رپيا في ڪلو وڪرو ٿيڻ لڳي، ساوا مرچ 350 رپيا ڪلو ٿي ويا ۽ ڀينڊين به ٽرپل سينچري مڪمل ڪري ورتي.
پٽاٽا 80 رپيا ڪلو، بيضا في درجن 240 رپيا، ڪيلا في درجن 260 رپيا، جڏهن ته صوف 300 کان مٿي ڪلو ٿي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.