9 مئي کان بائيڪ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو

لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ هيٺ ٽرانسپورٽ جو اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پنجاب ۾ 9 مئي کان بائيڪ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويندو.

تعلقي سطح تي ڇوڪرين لاءِ اسڪول بس منصوبي جي منظوري ڏني وئي، شهرين جي سهولت لاءِ ٽرانسپورٽ منصوبي جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير کي 20 هزار اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن ۽ 657 ماحول دوست شهري بس منصوبي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موٽرسائيڪل پروجيڪٽ 9 مئي کان شروع ڪيو ويندو. ڊليوري مئي ۾ ئي شروع ٿي ويندي، وڏي وزير مريم نواز شريف ٽرانسپورٽ منصوبي جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وڏي وزير مريم نواز شريف شاگردن جي ايڊوانس رقم گهٽ ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ لاهور، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ بهاولپور سميت ٻين شهرن ۾ ڊيزل هائبرڊ ريجنريٽ ٿيل بسون هلايون وينديون. وڏي وزير مريم نواز شريف هر تعلقي ۾ شاگردياڻين لاءِ اسڪول بس جو منصوبو تيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، وڏن شهرن ۾ ٽرانسپورٽ جي بهترين سهولتن لاءِ 657 بسون فراهم ڪرڻ جي رٿ جي به منظوري ڏني وئي.

اطلاعات واري وزير عظميٰ زاهد بخاري، ٽرانسپورٽ واري وزير بلال اڪبر خان. ايم پي اي ثانيه عاشق، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ، سيڪريٽري فنانس، ايم ڊي ٽي پي آر اي، صدر بئنڪ آف پنجاب، پنجاب ٽرانسپورٽ ڪمپني ڪي سي اي او، پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.

پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته عوام جا ڏک ختم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، عوام معاشي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، حڪومت کي بار کڻڻو پوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.