نئون ديرو: 2 ناريون ڪارنهن الزام هيٺ مارڻ بعد ٽيون لاش هٿ

نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) نئين ديري جي پير جان محمد وٽ دادو ڪئنال پل تان نوجوان جو لاش هٿ ڪيو ويو.

فوتي جي سڃاڻپ 6 ڏينهن اڳ گم ٿيل ڳوٺ مٺو کهڙو واسي نسيم کهڙو طور ٿي.

علائقي ۾ چوٻول آهن ته نسيم کهڙو کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو هو.

ان کان اڳ ٻن عورتن کي به ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو ۽ خدشو آهي ته نوجوان کي به ساڳئي واقعي ۾ قتل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.