جسٽس نعيم اختر افغان سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس نعيم اختر افغان سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کانئس حلف ورتو.
جسٽس نعيم اختر افغان جي حلف برداري تقريب سپريم ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن، وڪيلن، بار ڪائونسل جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب ۾ تازو رٽائرڊ ٿيندڙ جج جسٽس سردار طارق مسعود به خاص طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته حلف برداري تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس نعيم اختر افغان کان عهدي جو حلف ورتو، جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ججن جو انگ 14 ٿي ويو پر عدالت ۾ ڪُل ججن جو انگ 17 هوندو آهي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ هاڻ به 3 جايون خالي آهن.
واضح رهي ته جسٽس نعيم اختر افغان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس طور فرض انجام ڏئي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.