گاجي کهاوڙ: (ويب ڊيسڪ) ڳوٺ رحمون کوسو ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نينگري جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين ڪئي وئي.
نينگري شبيران ڌيءَ اصغر کوسو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ايس ايس پي شرڪت ڪئي.
جنازو کڄڻ تي نينگري جي ماءُ ۽ پيءُ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا جڏهن ته علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانيل آهي.
گذريل ڏينهن نينگري جو تشدد ٿيل لاش مليو هو، نينگري 3 ڏينهن اڳ لاپتا ٿي هئي، سندس لاش ڳوٺ ويجهو زمين مان مليو هو.