سرحد: (ويب ڊيسڪ) ڌاڙيل مسافرن کان ڦرلٽ ڪرڻ بعد مزدا ڊرائيور ۽ ڪلينر کي اغوا ڪري ويا.
قومي شاهراهه تي ڪرنل موڙ وٽان مزدا لاوارث حالت ۾ هٿ ڪئي وئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا ٿيلن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي، مختلف ٿاڻن جي پوليس علائقن کي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو آهي، مغوين کي بازياب ڪرايو ويندو.