”ميدان تي ٺڙڪ ٺڳي بدران ملڪ کي ترجيح ڏيجو“ شاهين جو الوداعي پيغام

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز لاهور قلندرز جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي ڊريسنگ روم ۾ الوداعي خطاب ڪندي ساٿي رانديگرن کي ميدان تي دوکيبازي نه ڪرڻ جو پيغام ڏنو .
ڊريسنگ روم ۾ الوداعي خطاب ڪندي شاهين آفريدي چيو ته هميشه پنهنجون ڌيان گرائونڊ ۾ ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي رکو، ٻاهرين ڳالهين تي ڌيان نه ڏيو، ٻاهر وارا اوهان کي مٿانهين مقام تي نٿا ڏسڻ چاهين.
هن چيو ته ميدان ۾ ٺڙڪ ٺڳي نه ڪجو، ميدان سان اوهان جو ڪيريئر آهي، سڀ رانديگر پاڪستان ۽ لاهور قلندرز جي روشني آهن انڪري سدائين فخر سان کيڏو ۽ پنهنجي ملڪ کي ترجيح ڏيجو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ميگا ايونٽ دوران سپورٽ ڪرڻ تي مداحن جو ٿورائتو آهيان اوهان سڀ خاندان جيان آهي ۽ هاڻي رمضان اچي رهيو آهي انڪري پنهنجي ڪٽنب سان وقت گذاريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.