عثمان خان پاڪستان ٽيم لاءِ کيڏي سگهي ٿو يا نه؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ جي نائين ايڊيشن ۾ ٻه ۽ مجموعي طور ٽي سينچريون اسڪور ڪندڙ مڊل آرڊر بيٽر عثمان خان کي نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ کيڏائڻ تي غور نه پيو ڪيو وڃي.
پي سي بي سليڪشن ڪميٽي جي ذريعن تصديق ڪئي آهي ته عثمان خان پاڪستان سپر ليگ ۾ شاندار ڪارڪردگي ضرور ڏيکاري آهي پر کيس پاڪستان ٽيم ۾ سليڪٽ نه پيو ڪيو وڃي ڇو ته عثمان خان يو اَي ايِ منتقل ٿي چڪو آهي ۽ هاڻي هو قومي ٽيم جي نمائندگي جي اهل ناهي رهيو.
ملتان سلطانز جي نمائندگي ڪندڙ جارحاڻو مزاج رکندڙ بيٽر پي ايس ايل جي هڪ ئي ايڊيشن ٻه سينچريون اسڪور ڪندڙ پهريون بيٽر آهي ۽ ميگا ايونٽ ۾ سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.
هلندڙ سيزن ۾ عثمان خان پهرين سينچري ڪراچي ڪنگز خلاف اسڪور ڪئي هئي جنهن ۾ هن 59 بالن 106 رنسون ٺاهيون هيون.
عثمان خان آچر ڏهاڙي اسلام آباد يونائيٽڊ خلاف ٻي سينچري ٺاهي ۽ 50 بالن تي ٻه سئو جي اسٽرائيڪ ريٽ سان پندرنهن چوڪن ۽ ٽن ڇڪن جي مدد سان سئو رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.