گذريل ڏينهن ايوان صدر ۾ آصف زرداري جي حلف برداري تقريب ۾ سندس ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري جي پروقار انداز سڀني جو ڌيان ڇڪائي ورتو، هوءَ پنهنجي ڏيک سان ماءُ جي ياد ڏياري رهي هئي.
ايوان صدر ۾ حلف برداري تقريب دوران پيءَ سان گڏ رهندڙ آصفه گهري سائي رنگ جي لباس جي چونڊ ڪئي.
آصفه ڀٽو زرداري کي ڪُلهي تي لوئي رکيل هئي ۽ هن پنهنجي ماءُ بينظير جيان مٿي تي اڇو رئو پاتل هو.
آصفه تقريب لاءِ ناليواري پاڪستاني ڊزائينر ”ثانيه مسڪاتيه“ جي ڊيزائن ڪيل جوڙي جي چونڊ ڪئي.
ثانيه مسڪاتيه جي آفيشل ويب سائيٽ تي ان برانڊڊ جوڙي جي قيمت 29 هزار 500 رپيا داخل آهي.
سلڪ سان تيار ڪيل ان لباس تي ڊجيٽل ڊيزائن پرنٽڊ آهي.
You might also like