ايٽلي، شاهه رخ خان جا پير ڇُهي ورتا، وڊيو وائرل

ممبئي( ويب ڊيسڪ ) سال 2023ع جي هٽ فلم ” جوان “ جي هدايت ڪار ايوارڊ ملڻ کانپوءِ شاهه رخ خان جا پير ڇهي ورتا.
ڀارتي شهر ممبئي ۾ ٿيل هڪ ايوارڊ تقريب ۾ فلم هدايتڪار ايٽلي کي ” جوان “ لاءِ بهترين ڊائريڪٽر جو ايوارڊ کٽي ورتو، ايوارڊ لاءِ نالي جو اعلان ٿيندي ئي هدايتڪار پنهنجي ڀر ۾ ويٺل اداڪار شاهه رخ خان جي پير ڇُهي ورتا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Manav Manglani (@manav.manglani)


شاهه رخ خان فوري پنهنجي جاءِ تان اُٿي ايٽلي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو ۽ کيس مبارڪون ڏنيون، شاهه رخ خان جا پير ڇهڻ ۽ اداڪار پاران کيس ڀاڪر پائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.