وزيراعظم جي واهپيدارن کي گئس ۽ بجلي جي بنا وقفي فراهمي جي هدايت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ پيٽروليم شعبي جي حوالي سان اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وزيراعظم تيل ۽ گئس جي دريافت، ريفائننگ جي سهولت فراهم ڪرڻ سان گڏ واهپيدارن کي بجلي ۽ گئس جي بنا وقفي فراهمي جي هدايت ڪري ڇڏي.
وزيراعظم شهباز شريف اجلاس ۾ هدايت ڪئي ته واهپيدارن کي بجلي ۽ گئس جي بنا وقفي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، واهپيدارن کي سستي ايل پي جي ملي، صنعتن کي گئس فراهمي بنا وقفي يقيني بڻائي وڃي.
هن هدايت ڪئي ته گئس تي سمارٽ ميٽرنگ سان خساري کي گهٽ ڪيو وڃي ۽ ايل پي جي جي شعبي جي سخت نگراني يقيني بڻائي وڃي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سامونڊي حدن جي ايراضي بلوچستان کان به وڌيڪ آهي پر وسيلن جي استعمال لاءِ قدم ناهن کنيا ويا، موجوده حڪومت ملڪ ۾ پيٽروليم جي ريفائننگ جي صلاحيت وڌائيندي.
شهباز شريف اجلاس ۾ گردشي قرض کي ختم ڪرڻ ۽ ڊگهي حل لاءِ گڏيل حڪمت عملي به طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.