مالي پريشانين سبب ڪئلاش کير پاران آپگهات جي ڪوشش!

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) نامياري ڀارتي راڳي ڪئلاش کير انڪشاف ڪيو آهي ته هڪ ڀيرو هن گنگا درياهه ٽپو ڏئي آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ويجهڙ ۾ هڪ انٽرويوءَ دوران راڳي ٻڌايو ته موسيقيءَ جي دنيا ۾ قدم رکن کان اڳ هو تمام گهڻي مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيو هو.
سندس چوڻ هوته نوجواني جي ڏينهن ۾ هن ايڪسپورٽ جو ڪم شروع ڪيو جنهن ۾ کيس تمام گهڻو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو .
ڪئلاش کير جو چوڻ هو ته هن پنڊت بڻجڻ جي به ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو انڪري هن زندگي جو آنت آڻڻ لاءِ آپگهات ڪرڻ چاهي پيو.
راڳي موجب، هن گنگا ۾ وڃي ٽپو ڏنو پر هڪ همراهه کيس بچائي ورتو ۽ ان ڏينهن کانپوءِ هن آپگهات جي ڪوشش ناهي ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.