اليڪشن ڪميشن جو 48 سينيٽ سيٽن تي 2 اپريل تي چونڊون ڪرائڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سينيٽ چونڊون 2 اپريل تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته سينيٽ چونڊن جو شيڊيول 14 مارچ تي جاري ڪيو ويندو.
اليڪشن ڪميشن موجب 2018 ۾ چونڊيل 52 سينيٽر اڄ رٽائر ٿي رهيا آهن، جهن کانپوءِ 48 سيٽن تي چونڊون ڪرايون وينديون.
فاٽا جون 4 مخصوص سيٽون 25هين آئيني ترميم کانپوءِ ختم ٿي چڪيون آهن، جنهن سبب سينيٽ جون ڪُل سيٽون 100 مان گهٽجي 96 ٿي ويون آهن.
اڄ رٽائر ٿيندڙ سينيٽرن ۾ ن ليگ جي حمايت سان چونڊيل 13، پ پ جا 12، پي ٽي آءِ جا 8، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، پي ڪي ميپ ۽ نيشنل پارٽي جا 2-2، بلوچستان عوامي پارٽي جي حمايت سان چونڊيل 6، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ جو هڪ – هڪ سينيٽر شامل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.