رمضان المبارڪ قرباني، همدردي، خيرات ۽ دعائن جو مهينو آهي: ڊاڪٽر حفيظ الرحمان

لاهور (پ ر) الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان پاڪستاني قوم کي رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته رحمتن، برڪتن ۽ خوشين جو مقدس مهينو اسان کي قرباني، همدردي ۽ خيرات جو پيغام ڏئي ٿو، ان برڪت واري وقت ۾ اسان جي يتيمن کي ضرورت آهي. بيواهه، معذورن سميت لکين مستحق ماڻهن کي محرومين کان نجات ڏيارڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو آهي.

غزا ۾ 22 لک فلسطيني تڪليف ۽ اذيت ۾ آهن، گوادر سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ سبب عوام ڏکيائين جو شڪار آهي، خوشي ۽ رحمتن جي وقت ۾ اسان کي انهن مظلومن ۽ مستحقن کي به ياد رکڻ گهرجي.

ڊاڪٽر حفيظ الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ 4 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهو غذائي کوٽ جو شڪار آهن، الخدمت فائونڊيشن رمضان المبارڪ ۾ يتيمن، بيواهن سميت مستحق ماڻهن لاءِ سحري ۽ افطاري جو بندوبست ۽ کين فوڊ پيڪيج فراهم ڪندي آهي، لکين يتين ٻارن جي ڪفالت، بيواهه، معذورن، مسڪينن ۽ مستحق ڪٽنبن جي امداد، تعليم، صحت، بنا وياج جي قرض، صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٻيون سماجي خدمتون سرندي وارا پاڪستاني ۽ 70 هزار رضاڪارن جي ڪري ممڪن ٿيندي آهي.

پاڪستان جو ڀلو چاهيندڙ، رمضان جي ڀلاري مهيني دوران خيرات ۾ اڳتي وڌي الخدمت فائونڊيشن سان سهڪار ڪن جيئن اسان ڪروڙين ماڻهن جي خدمت جي مشن کي جاري رکي سگهون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.