انساني تاريخ جي سڀ کان طاقتوير خلائي راڪيٽ 14 مارچ تي ڌرتي جي مدار ڏانهن پهرين اُڏام ڀريندو.
ايلون مسڪ جي ڪمپني اسپيس ايڪس جو اسٽار اسپيس ڪرافٽ انسانن کي چنڊ ۽ مريخ تي کڻي وڃڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي، پر هينئر تائين شروعاتي ٻئي آزمائشي اُڏامون ناڪام رهيون آهن.
ان کان اڳ 20 اپريل ۽ 18 نومبر 2023ع تي اسٽارشپ کي لانچ ڪيو ويو پر ٻئي دفعا ان کي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو .
اسپيس ايڪس کي اميد آهي ته هن ڀيري اسٽار شپ زمين جي مدار جي چوڌاري پنهنجي اُڏام مڪمل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي وٺندو.
آزمائشي اُڏام دوران راڪيٽ جو بوسٽر لانچ جي ٽن منٽن کانپوءِ ڌار ٿي ميڪسيڪو نار ۾ ڪِرندو جڏهن ته راڪيٽ خلا ۾ زمين جي چوڌاري چڪر لڳائي هندي سمنڊ لينڊ ڪندو، اِهو سمورو سفر هڪ ڪلاڪ اندر مڪمل ٿيندو.
اسٽار شپ جي هڪ ڀيرو وري آزمائش آمريڪي فيڊرل ايوي ايشن ايڊمنسٽريشن طرفان لائسنس ملڻ سان مشروط آهي.
You might also like