اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي 6 خالي سيٽن تي ضمني چونڊ 14 مارچ تي ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن طرفان سينيٽ جي خالي سيٽن تي اليڪشن شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب 14 مارچ خميس ڏينهن انهن سيٽن تي اليڪشن ٿيندي.
سينيٽ جي جن سيٽن تي ضمني چونڊ ٿيندي، انهن ۾ يوسف رضا گيلاني، عبدالغفور حيدري ۽ نثار کهڙي جون خالي ڪيل سيٽون شامل آهن، جڏهن ته ڄام مهتاب، پرنس احمد عمر ۽ سرفراز بگٽي جي خالي سيٽن تي به اليڪشن ٿيندي.
سينيٽ جي ضمني چونڊ اسلام آباد جي هڪ، سنڌ جي ٻن ۽ بلوچستان جي ٽن سيٽن تي ٿيندي.
You might also like