ڪراچي (پ ر) سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي بزنس ايڊمنسٽريشن شعبي جي آخري سال جي شاگردن سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽيءَ جي ٽالپر هائوس ۾ ريسرچ اسٽڊيز ۽ پوسٽر پريزنٽيشنز ذريعي پنهنجا ڪاروباري خيال پيش ڪيا. شاگردن پنهنجين پنهنجين ريسرچ اسڊيز وسيلي انهن ڪاروباري منصوبن ۽ پراڊڪٽس بابت تفصيلي سان ٻڌايو، جيڪي هو گريجوئيشن کانپوءِ لانچ ڪري سگهن ٿا. هنن شاگردن جي ڪاروباري منصوبن جو مقصد سماج جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ هو. شاگردن پنهنجن ڪاروباري منصوبن کي پوسٽرس ذريعي به بيان ڪيو، جن جي انهن ٽالپر هائوس جي ڪوريڊور ۾ نمائش ڪئي. ان دوران يونيورسٽيءَ جي لاڳاپيل فيڪلٽي ميمبرن ۽ ماهرن شاگردن جي ريسرچ اسٽڊيز ۽ بزنيس آئڊياز جو تفصيلي جائزو ورتو.
نمائش جي نگراني مئنيجمينٽ، بزنس ايڊمنسٽريشن اينڊ ڪامرس فيڪلٽي جي ڊين ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽي، ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ، ڊپارٽمينٽ جي ڪوآرڊينيٽر شفيق احمد ۽ پريزنٽيشنز ۽ نمائش جي ڪوآرڊينيٽر مظفر علي شاهه ڪئي.
ان موقعي تي ٽالپر هائوس جي قائداعظم هال ۾ اڪائونٽنگ، بئنڪنگ ۽ فنانس شعبي جي به آخري سال جي شاگردن پڻ پنهنجون ريسرچ اسٽڊيز پيش ڪيون، جن جو انٽرنل ۽ ايڪسٽرنل ماهرن جائزو ورتو.
ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊين ڊاڪٽر جمشيد عادل هاليپوٽو چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پنهنجي شاگردن کي مارڪيٽ جي بنياد تي تعليم فراهم ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي ته جيئن شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ بعد پنهنجو وقت ضايع ڪرڻ بنا ملڪي ترقيءَ ۾ عملي طور شامل ٿي وڃن. هن چيو ته هن وقت دنيا ۾ ڪاروباري ۽ ڪمرشل سرگرميون عروج تي آهن، ان ڪري انهن ترجيحن تحت ايس ايم يو آءِ پنهنجي شاگردن کي تيار ڪري انهن کي انٽرپرينئرشپ ڏانهن راغب ڪري رهي آهي، ته جيئن هو پنهنجن تازن ۽ جديد خيالن ۽ تحقيقي ڪم ذريعي ملڪ جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهن.
ڊاڪٽر زاهد علي چنڙ چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي پنهنجي ڊپارٽمينٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن، اورڪ ۽ انڪيوبيشن سينٽر ذريعي پنهنجي شاگردن جي بهتر ڪيريئر جي لاءِ به انڊسٽريءَ سان لاپاڳا وڌائي رهي آهي، ڇاڪاڻ جو اها موجوده دور جي هڪ اهم ضرورت آهي ته، يونيورسٽين ۽ صنعتي ادارن جو هڪٻئي سان سهڪار هئڻ گهرجي.