”شهباز شريف فضل الرحمان کي مينيج نه ڪري سگهيو ته حڪومت نه هلي سگهندي“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته شهباز شريف جيڪڏهن فضل الرحمان کي مينيج نه ڪري سگهيو ته حڪومت نه هلي سگهندي.
احتساب عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته اسان به فارم 47 جي ايم اين اي ٿي پئي سگهياسين پر اسان جو پنهنجو رستو آهي، ان جي ته سزا ملي رهي آهي.
هن چيو سڀ ڪيس ختم ٿيندا ته 9 مئي واقعن تي ڪيس شروع ٿي ويندا.
حڪومت هلڻ بابت سوال تي فواد چوڌري چيو ته شهباز شريف جيڪڏهن فضل الرحمان کي مينيج نه ڪري سگهيو ته حڪومت نه هلي سگهندي.
سندس چوڻ هو ته فضل الرحمان جيڪڏهن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو ته حڪومت اڳتي نه وڌي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.