ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ به سڀاڻي پهريون روزو هوندو

ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ به رمضان جو چنڊ نظر اچي ويو ۽ سڀاڻي پهريون روزو هوندو.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪيترن ئي شهرن ۾ مقامي سطح تي چنڊ ڏسڻ لاءِ ڪميٽين جا اجلاس ٿيا، لکنئو ۾ چنڊ نظر اچي ويو، جنهن کانپوءِ ڀارت ۾ اڱاري تي پهريون روزو هوندو.
هوڏانهن بنگلاديشي چنڊ ڏسڻي ڪميٽي به ملڪ ۾ چنڊ نظر اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ اتي سڀاڻي پهريون روزو هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.