ٿر جي سونهن مور بيماري وگھي مرڻ لڳا

مٺي (ويب ڊيسڪ) ٿرپارڪر ۾ ٿر جي سونهن مور پکي راڻي کيت بيماريءَ وگھي مري رهيا آهن.

ڳوٺ ڏانو ڌانڌل، ڀالوا، ڪاري تل، پڻھاڻيو ۽ ٻين ۾ بيماري سبب 50 کان وڌيڪ مور مري ويا جڏهن ته ڪيترائي بيمار آهن.

علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ته بيماري سبب مور اُڏي نٿا سگهن ۽ اکين جو نور ختم ٿي وڃي ٿو، جھنگلي جيوت کاتي مورن جي علاج لاءِ ڪو به اپاءُ نه ورتا آهن، اپاءَ وٺي مورن جي نسل کي مرڻ کان بچايو وڃي.

جھنگلي جيوت کاتي ٿرپارڪر جي ضلعي ڊپٽي ڪنزرويٽر موجب مورن ۾ بيماري جو اطلاع مليو آھي، متاثر ڳوٺن ۾ ٽيم موڪلي علاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.