سنڌ: مختلف واقعا، 4 گھر سڙي رک، ڪار کي باهه ڏني وئي، 100 ٻڪريون سڙي ويون

سنڌ جي مختلف علائقن ۾ باهه لڳڻ سبب 4 گھر سڙي رکي ٿي ويا، هڪ ڪار کي باهه ڏني وئي ۽ باهه لڳڻ سبب 100 ٻڪريون مري ويون.
ڇاڇري ويجهو ڳوٺ عالمسر چلهه مان چڻنگ اٿڻ سبب ٻن پورهيتن محمد قاسم ۽ محمد علي راهمون جا ڪکاوان گھر سڙي رک ٿي ويا.
ڏيپلي ويجهو ڳوٺ پانيلي لُنڊ ۾ پورهيت بچل لُنڊ جي گھر کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گھر ۾ پيل اناج، نياڻين جو ڏاج، روم رقم سڙي وئي جڏهن ته هڪ ٻڪري به مري وئي.
ميرپورخاص ويجهو ڳوٺ عابدين فارم ۾ پورهيت مير خان جي گھر کي باهه لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو، پورهيت ننڍڙو دڪان هلائي گذر سفر ڪندو آهي.
باهه متاثرن حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي.
ٺڪراٺي ويجهو پورهيت جي گھر کي شارٽ سرڪٽ سبب اوچتو باهه لڳڻ جي ڪري گھر ۾ پيل قيمتي سامان سڙي رک ٿي ويو، موٽرسائيڪل به سڙي وئي.
ڊگھڙجي الله آباد ڪالوني سم نالي تي بلال ڪپري جي ڪار کي اڻڄاتل جوابدارن باهه ڏئي ڇڏي.
ڏيپلي ڀرسان ڳوٺ گنگالس ۾ ڀاڳئي نورمحمد لنڊ مال جي واڙي کي لڳي باهه لڳڻ سبب 100 ٻڪريون ۽ رڍون مري ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.