ٻئي پائليٽ اڌ ڪلاڪ سمهي پيا، جهاز اڏندو رهيو!

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ اڏام دوران ٻئي پائلٽ 28 منٽن تائين سمهي پيا، جنهن دوران غفلت سبب جهاز جو رخ تبديل ٿي ويو.

خوشقسمتيءَ سان جهاز ۾ سوار مسافر محفوظ رهيا. هي واقعو 25 جنوري 2024 جو آهي.

باٽڪ ايئر لائن جي اڏام نمبر ID6723 اتر انڊونيشيا جي شهر سولاويسي کان گادي واري هنڌ جڪارتا وڃي رهي هئي.

پائليٽن جي عمر 32 ۽ 18 سال هئي. جهاز 28 منٽن تائين بنا پائلٽ جي مدد جي اڏامندو رهيو. پائلٽ فرسٽ آفيسر جي اجازت سان سمهي پيو. ڪجهه وقت کان پوءِ فرسٽ آفيسر به سمهي پيو.

جهاز ۾ 153 مسافر ۽ عملو جا چار ميمبر سوار هئا. پائلٽ جڏهن اکيون کوليون ته هن ڏٺو ته جهاز جو رخ بدلجي چڪو هو.

هن ڪنٽرول ٽاور سان رابطو ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته ريڊيو سسٽم ۾ خرابي آهي جنهن ڪري هو جواب نه ڏئي سگهيا هئا.

اصل ۾ هو ٻئي ننڊ پيل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.