ڪمزورن لاءِ وزن وڌائڻ جون اهم غذائون

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گهڻي قدر ماڻهو ٿولهه سبب پريشان هوندا آهن پر ڪجهه اهڙا به هوندا آهن، جيڪي پنهنجو وزن وڌائڻ چاهيندا آهن پر کاڌي پيتي باوجود انهن جو وزن ناهي وڌندو، جنهن جو وڏو ڪارڻ درست غذا نه کائڻ هوندو آهي ۽ جيڪڏهن توهان به اهڙن ماڻهن ۾ شامل آهيو ته پنهنجي غذا ۾ ڪجهه تبديليون آڻي وزن وڌائي سگهو ٿا.

وزن وڌائڻ لاءِ توهان کي پنهنجي غذا ۾ آهستي آهستي اضافو ڪرڻو پوندو، گڏوگڏ عذا جي چونڊ جو به خيال رکڻو پوندو.

کير ۾ پروٽين ۽ ڪاربوهائڊريٽ وڏي مقدار ۾ موجود هوندا آهن، توهان روز ٻه گلاس کير پي 14 گرام پروٽين حاصل ڪري سگهي ٿو.

آنا پروٽين جو خزانو آهن، انهن ۾ وٽامن اي ۽ وٽامن بي 12 جي موجودگي انهن کي غذائيت سان ڀرپور بڻائيندي آهي، توهان پنهنجي نيرن آنن سان ڪريو، آنا ماني سان يا وري اُٻاري به کائي سگهو ٿا.

وزن وڌائڻ لاءِ ڪيلو کائڻ جي صلاح به ڪم جي آهي. هڪ ڪيلي ۾ 101 ڪيلوريز هونديون آهن، ان ۾ ڪاربوهائڊريٽ جي موجودگي ورزش کانپوءِ وڃايل توانائي بحال ڪندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو رانديگر راند دوران ڪيلا کائيندا آهن.

جيڪڏهن توهان کي مکڻ پسند آهي ته ان کي به پنهنجي غذا ۾ شامل ڪيو، ان ۾ فيٽس گهڻدا هوندا آهن، 100 گرام مکڻ ۾ 81 گرام فيٽس هوندا آهن پر مکڻ جو استعمال مناسب مقدار ۾ ڪريو، ڇو ته ان ۾ موجود خالص فيٽس رت جي نالين ۾ ڄمي سگهن ٿا، جيڪي دل جي بيمارين جو سبب به بڻبا آهن.

وزن ۾ واڌ لاءِ توهان جي غذا 40 سيڪڙو پروٽين ۽ ڪاربوهائڊريٽ تي ٻڌل هجڻ گهرجي ان لاءِ پٽاٽي ۾ ڪاربوهائڊريٽ ۽ امائنو ايسڊ وڏي مقدار ۾ هوندا آهن، جيڪي وزن وڌائڻ جو ذريعو آهن، وڌيڪ فائدي لاءِ توهان کَل لاهڻ بنا پٽاٽا کائو.

نوڊلز جي استعمال سان به توهان ڪاربوهائڊريٽ ۽ ڪيلوريز ۾ واڌ ڪري سگهو ٿا، گڏوگڏ انهن کي سبزين ۾ شامل ڪري توهان وٽامنز ۽ اينٽي آڪسيڊنٽس به حاصل ڪري سگهو ٿا.

اهي سڀ شيون اوهان کي وزن وڌائڻ ۾ مدد ڪر سگهن ٿيون گڏوگڏ ورزش ڪجي ته اوهان جو وزن وڌڻ سان گڏوگڏ ڏورا به ٺهي پوندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.