گاڏين تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ گاڏين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو لاڳو ڪيو ويو آهي ۽ وفاقي ريونيو بورڊ (ايف بي آر) سيلز ٽيڪس ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
نوٽيفڪيشن موجب مقامي سطح تي تيار ٿيندڙ گاڏين تي سيلز ٽيڪس 18 کان وڌائي 25 سيڪڙو ڪيو ويو آهي.
سيلز ٽيڪس ۾ واڌ 1400 سي سي کان وڌيڪ وارين گاڏين تي لاڳو ٿيندي ۽ 40 لک روپين کان وڌيڪ ماليت جي وڏين گاڏين تي سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندو.
ذريعن موجب فيصلي تحت ايف بي آر کي 4 ارب روپين کان وڌيڪ آمدني ٿيندي.
گاڏين تي 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس کي ايندڙ بجيٽ ۾ به برقرار رکڻ جي تجويز آهي.
سيلز ٽيڪس لڳائڻ سان گاڏين جون قيمتون وڌڻ جو امڪان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.