يورپ ۾ طوطن مان نئين وبا پکڙجي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته يورپ جي ڪجهه ملڪن ۾ پيرٽ فيور جا ڪيس سامهون آيا آهن. پيرٽ فيور وگهي پنج ڄڻا موت جو کاڄ بڻجي چڪا آهن.

پيرٽ فيور جا ڪيس گذريل سال کان سامهون اچڻ شروع ٿيا ۽ هاڻي اهي يورپ جي ٻين ملڪن تائين پکڙجي رهيا آهن.

پيرٽ فيور ڪيليميڊيا فيملي سان واسطو رکندڙ بيڪٽيريا مان ٿيندو آهي، هن جي نالي مان ئي ظاهر ٿئي ٿو ته هي طوطن مان ٿيندو آهي پر هي طوطن کانسواءِ ٻين پکين مان به ٿي سگهي ٿو، هي بخار ڪيترن ئي جهنگن ۽ گهريلو پکين سميت ٻين پکين مان به ٿي سگهي ٿو.

پيرٽ فيور جي علامتن ۾ بخار، سيءُ ٿيڻ، جسم جو سور، الٽي اچڻ، ٿڪاوٽ، ڪمزوري، کنگهه ۽ مٿي جو سور شامل آهن.

انسانن ۾ هي بخار پيرٽ فيور جي شڪار پکين مان منتقل ٿئي ٿو، بخار سبب متاثر پکين ۾ علامتون هجن يا نه هجن بيڪٽيريا منتقل ٿي سگهي ٿي.

جيڪڏهن هن بخار جو وقت سر علاج نه ڪرائجي ته نمونيا، دل جي والن جي سوڄ ۽ نيورولاجي جا مسئلا ٿي سگهن ٿا.

خيال رٿي ته هي موتمار به ثابت ٿي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.