آصف زرداري ٻيو ڀيرو صدر چونڊجڻ تي سني اتحاد ڪائونسل جو درعمل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سني اتحاد ڪائونسل صدارتي چونڊن کي تڪراري قرار ڏئي ڇڏيو.
پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر، بئريسٽر علي ظفر ۽ اسد قيصر چيو ته ڪرپٽ عنصرن جي بادشاهه کي ملڪ تي مڙهيو پيو وڃي، سڄو عمل تڪراري بڻايو ويو آهي، جڏهن مخصوص سيٽن جو معاملو عدالت ۾ هو ته انهن کي ووٽ جي اجازت ڪيئن ملي وئي.
هنن چيو ته شهباز شريف جعلي مينڊيٽ تي وزيراعظم بڻيو، اڄ زرداري صاحب به جعلي ووٽن سان صدر بڻيو آهي، مفاهمت نه پر ڪرپٽ عنصرن جو بادشاهه ملڪ تي مڙهيو پيو وڃي، عوام انهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.