پاڪستان ۽ ڀارت وڌيڪ ائٽمي ڌماڪا ڪندا: دعويٰ

ائٽمي هٿيارن تي نظر رکندڙ سائنسدانن جي هڪ ٽيم چيو آهي ته آثارن ۽ شاهدين مان خبر پئي آهي ته آمريڪا، چين ۽ روس وڌيڪ ائٽمي تجربن جون تياريون ڪن پيا جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت به وڌيڪ ائٽمي ڌماڪا ڪري سگھن ٿا.
بليٽن آف دي ائٽمڪ سائنٽسٽس جي هڪ رپورٽ موجب ائٽمي طاقتون پنهنجي ائٽمي طاقت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي ڌيان ڏين پيون. آمريڪا نيواڊا ۾ ائٽمي تجربن لاءِ مختص هنڌ کي وڌائڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.
اتر ڪوريا به هڪ ٻئي ائٽمي تجربي جون تياريون شروع ڪيون آهن. اتر ڪوريا 21 هين صدي ۾ ائٽمي تجربا ڪندڙ اڪيلو ملڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.