اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) رمضان المبارڪ کان اڳ ايل پي جي جي قيمت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر 30 رپيا في ڪلو واڌ ڪئي وئي آهي.
ايل پي جي جي قيمت ۾ موجوده واڌ کانپوءِ مجموعي طور تي هڪ هفتي ۾ قيمت 53 رپيا في ڪلو وڌي چڪي آهي.
واڌ کانپوءِ ايل پي جي جي قيمت 257 رپين مان وڌي 310 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي.