آمريڪي سفارتخاني پاران 150 عورتن کي ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ سهڪار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪي سفارتخاني پاڪستان جي نيشنل لائبريري جي لنڪن ريڊنگ لائونج ۾ ”اڪيڊمي فار وومين انٽرپرينيورز“ (AWE) پروگرام جي چوٿين پاڪستان ڪوهورٽ جي شروعات ڪئي آهي.

منسٽر ڪائونسلر فار پبلڪ افيئر بيٽينا مالون، هن سال AWE جو ڪوهورٽ لاهور، راولپنڊي/اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي مان 150 شرڪت ڪندڙن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ تيار ڪيو آهي.

AWE پروگرام هڪ ڪاروباري پروگرام آهي جنهن ۾ پيئر-ٽو-پيئر سکيا ۽ مقامي ذهن سازي شامل آهي، شرڪت ڪندڙن کي هن پروگرام ذريعي پنهنجو ڪاروبار ٺاهڻ ۽ جديد سکيا جا موقعا فراهم ٿيندا. سڄي دنيا ۾ يو ايس ڊپارٽمينٽ آف اسٽيٽ ٽريننگ پروگرام عورتن کي سندن ڪاروبار جي حوالي سان مدد ڪري ٿو. پبلڪ پرائيويٽ اسپانسرز، مقامي پارٽنرشپ، ۽ يو ايس ايڪسچينج ايلومني نيٽ ورڪن جي استعمال سان سندن ڪاروبار وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو.

اي ڊبليو اي AWE هڪ سئو کان وڌيڪ ملڪن ۾ برادرين جي خوشحالي جو سبب بڻجي رهيو آهي. پاڪستان ۾ هي پروگرام عورتن کي بااختيار بڻائي رهيو آهي ته جيئن انهن جي معاشي صلاحيت کي محسوس ڪندي خوشحالي کي وڌائي سگهجي.

ان موقعي تي مالون پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي عورتن جي انٽرپرينيوئرز جي مدد ڪرڻ جي ضرورت بابت ٻڌايو ته جڏهن عورتون ڪامياب ٿين ٿيون ته معاشي خوشحالي ٿئي ٿي ۽ ملڪ ترقي ڪن ٿا.

اي ڊبليو اي 2024 ۾ 150 شريڪ ٿيندڙن کي ٽن مهينن لاءِ آن لائن تربيت ڏني ويندي جيڪا ايريزونا اسٽيٽ يونيورسٽي جي ٿنڊر برڊ اسڪول آف گلوبل مئنيجمينٽ ۽ آمريڪي قدرتي وسيلن جي ڪپني فريپورٽ ميڪ مورن پاران تيار ڪيو ويو آهي.

پروگرام ذريعي بنيادي ڪاروباري صلاحيت سيکاري ويندي ۽ مقامي ۽ آمريڪي ماهرن سان هفتيوار گڏجاڻي ٿيندي جنهن ۾ بحث ڪيو ويندو ته هو ڇا سکي رهيا آهن.

اي ڊبليو اي ڪاروباري ڄاڻ کي وڌائڻ، عورتن جي ڪاروبار جي فنڊنگ، ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ ۽ ڪاميابي جا امڪان وڌائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.

لاهور، راولپنڊي/اسلام آباد، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ڪراچي ۾ پاڪستان جي لنڪن ڪارنرز ۾ امريڪي مشن جا پنج پاڪستاني آمريڪي ڪلچرل سينٽر جي سهڪار سان AWE پاڪستان 2024 جي اڳواڻي ڪندا.

هن پروگرام جي پچاڻي تي شرڪت ڪندڙن کي اهو موقعو هوندو ته هو آمريڪي مشن کان پاڪستان ۾ ڪاروبار لاءِ فنڊنگ لاءِ سهڪار وٺن ۽ پنهنجا ادارا قائم ڪري انهن کي اڳتي وڌائن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.